وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ 23 ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حڪومت عدليه بابت اهم قانونسازي جو فيصلو ڪندي 1977 ايڪٽ ۾ ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ وڌائڻ وارو بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو
حڪومتي رڪن دانيال چوڌري پاران جمع ڪرايل بل جون ڪجهه تجويزون سامهون اچي ويون آهن، جن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي انگ ۾ واڌ ڪيسز کي اڪلائڻ لاءِ ضروري آهي، ججز جو انگ وڌڻ سان ڪيسز جي وقت تي ٻڌڻي ٿيندي ۽ فيصلن کي يقيني بڻايو ويندو
بل جي متن موجب سائبر ڪرائم،ماحولياتي قانون ۽ عالمي واپار جي ڪيسز ۾ ماهرن جي ضرورت آهي، مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ ججز جي مقرري صحيح فيصلا ڪرڻ ممڪن ٿيندو
ذريعن موجب بل قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾چيف جسٽس سميت ججز جو انگ 17 آهي