تازہ ترین

صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن علي حسن زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هن ڏکئي گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، متاثرن جي سهائتا ڪندي کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون

صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن علي حسن زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هن ڏکئي گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، متاثرن جي سهائتا ڪندي کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون

صوبائي وزير ۽ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن علي حسن زرداري ڪيٽي بندر جو دورو ڪري ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ انتظاميه کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي

ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ڏکيائين ۾عوام کي اڪيلو ناھي ڇڏيو، پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو جي سموري ٽيم عوام جي وچ ۾ آھي عوام کي ھر سھولت ڏني ويندي

هن چيو ته پوري ضلعي جي متاثرن جي سھائتا ڪري رھيا آھيون ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون ته جئين امڪاني طوفان سبب ڪو جاني نقصان نه ٿئي

هن چيو ته مسلسل پوندڙ برساتن سبب زراعت کي نقصان پھتو آھي، سنڌ حڪومت پاران زميندارن ۽ متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي. صوبائي وزير علي حسن زرداري رورل ھيلٿ سينٽر ڪيٽي بندر جو پڻ دورو ڪري صحت جي سھولتن جو جائزو ورتو ۽ عملي جي موجودگي توڙي دوائن جي پورائي ھجڻ تي واکاڻ ڪئي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com