سنڌ حڪومت صوبي ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته برسات سبب ماڻهن جا گهر متاثر ٿيا آهن، فصلن کي به نقصان پهتو آهي، انتظاميا الرٽ آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت اڪثر علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جو امڪان آهي، سمورن ضلعن ۾ سنڌ حڪومت جا وزير ۽ انتظاميا الرٽ آهي.
هن چيو ته ميرپورخاص ۽ بدين ۾ اسان جا ماڻهو موجود آهن، ڪراچي جي ميئر سڄي رات جاڳي شهر مان برساتي پاڻي ڪڍرايو، سڀ کان وڌيڪ برسات بدين ضلعي ۾ 190 ملي ميٽر پئي، پيپلزپارتي شوبازي يا فوٽو سيشن تي يقين نٿي رکي، سولر منصوبي سان 2 لک ماڻهن کي مستقل رليف ملندو، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي ٺهي رهي آهي، ايندڙ نسل ڏسندو ته ٿرپارڪر بجلي ايڪسپورٽ ڪندو.
هُن چيو ته جن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، اتان پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي، ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي ڏيئي رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي ميئر سميت حيدرآباد جو ميئر ۽ ٻيا ميئر ۽ چونڊيل نمائندا برسات دوران پنهنجي تڪن ۾ موجود آهن.
هُن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف علائقن جو دورو ڪيو، هن وقت تائين برساتن دوران 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ فصلن کي به نقصان پهتو آهي.
هن چيو ته بجلي بند هئڻ سبب مختلف شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، مسئلي جي حل لاءِ وفاق سان ڳالهايو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 2 لک خاندانن کي سولر ڏيڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو.
هُن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي مسئلن جي وقتي حل تي يقين نه ٿي رکي، پيپلزپارٽي اهڙا منصوبا ڏيڻ چاهي ٿي، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ به ڪم اچن.
هُن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جو مستقبل تبديل ڪندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارتي شوبازي يا فوٽو سيشن تي يقين نٿي رکي، سولر منصوبي سان 2 لک ماڻهن کي مستقل رليف ملندو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ مافيا جيان ملڪ جي نوجوانن کي گارگند جي رستي تي وٺي وئي جنهن ڪري ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي