بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ملاقاتون ڪيون آهن، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن
بلاول هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ پ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني ۽ پيپلز پارٽي ڪي پي جي جنرل سيڪريٽري شجاع خان المعروف روزي خان ملاقات ڪئي
ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ سنڌ ۾ برساتن بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ بحالي بابت کنيل قدمن تي ڳالهيون ٿيون. پ پ چيئرمين جي پ پ ڪي پي جي اڳواڻ شجاع خان سان ٿيل ملاقات ۾ ڪي پي جي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي صورتحال تي گفتگو ٿي آهي