سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري باڪسر محمد وسيم جي اپيل جو نوٽيس وٺندي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ اٽلي جي سفارتخاني کي خط لکي ڇڏيو آهي
باڪسر محمد وسيم گورنر هائوس پهچي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ملاقات ڪري ٿورا مڃيندي چيو ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان ويزا نه ملڻ تي پريشان هو، وڊيو پيغام ۾ اپيل ڪئي ڪئي
گورنر سنڌ چيو ته انشاءَ الله محمد وسيم هاڻي پاڪستان لاءِ ميڊل آڻيندو ۽ پاڪستان ۾ راندين جي واڌاري لاءِ اسان سان گڏجي ڪم ڪندو.
واضح رهي ته باڪسر محمد وسيم شي جن ويزا ۾ مدد جي اپيل ڪئي هئي. باڪسر محمد وسيم 4 آڪٽوبر تي مالٽا ۾ ٿيندڙ WBF انٽر ڪانٽينينٽل هيوي ويٽ ورلڊ ٽائيٽل لاءِ چار آڪٽوبر تي مقابلو ڪندو