سپريم ڪورٽ 75 ورهين جي مرحوم پيرسن شخص پاران ٻن پٽن کي ملڪيت کان محروم رکڻ خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيت بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 75 ورهين جي پوڙهي شخص جي مرڻ کانپوءِ زميني تڪرار جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هڪ 75 ورهين جو پوڙهو شخص ٻن پٽن بدران زمين ڪنهن ٻئي کي تحفي ۾ ڇو ڏيندو؟
چيف جسٽس چيو ته خبر آهي ته ڪيس بازي ڪيئن ٿيندي آهي، اهڙن بي بنياد ۽ من گهڙت ڪيسز سبب عدالتن جو وقت ضائع ٿيندو آهي، بي بنياد ڪيسن سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ملڪيت جي ورهاست بابت ڪيس اڪلائي ڇڏيو