مونال ريسٽورنٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو
ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ وڪيل نعيم بخاري ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي
مونال ريسٽورنٽس مالڪن جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته اوهان تيز ڳالهائي اسان کي ڊڄاريندا، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي اچڻ کان اڳ وارن معاملن ۾ اسان تي آڱر نه کڻو
نعيم بخاري کي هدايت ڪندي چيف جسٽس چيو ته اوهان صرف پنهنجي ڪيس تائين محدود رهو، جنهن تي ريسٽورنٽس جي مالڪن جي وڪيل نعيم بخاري چيف جسٽس کان معافي وٺي ڇڏي
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بخاري صاحب اسان پنهنجيون غلطيون ته تسليم ڪري ورتيون
وڪيل نعيم بخاري چيو ته اسان کي موقف پيش ڪرڻ جو پورو حق نه ڏنو ويو، ماضي ۾ ايف آءِ اي ريسٽورنٽس مالڪن خلاف جاچ ڪري چڪي آهي. انهيءِ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود هجڻ باوجود اوهان ڪمرشل سرگرميون شروع ڪيون، اوهان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ريسٽورنٽس هلائيندا رهيا