تازہ ترین

سنڌ اسيمبلي غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين نيڪالي ڏيڻ لاءِ مهملي واري رٿ منظور ڪري ورتي

سنڌ اسيمبلي غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين نيڪالي ڏيڻ لاءِ مهملي واري رٿ منظور ڪري ورتي

رٿ جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي

صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ ڌرتي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، سموريون ايجنسيون اسان کي ان حوالي سان ڊيٽا فراهم نٿيون ڪري سگهن

سعيد غني چيو ته ملڪ اندر دهشتگردي ۾ به غيرقانوني ترسيل ڌاريا ملوث آهن

آغا سراج دراني چيو ته جيڪي به غيرقانوني سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا انهن کي واپس موڪلڻ گهرجي، ٻين ملڪن مان سرحدون پار ڪري ايندڙ سمورا ڌاريا سڌو سنڌ پهچي وڃن ٿا

ماروي فصيح چيو ته ڪراچي ۾ افغانين جون هڪ سئو کان وڌيڪ غيرقانوني ڪالونيون ٺهي ويون آهن جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به نه ٿا وڃي سگهن

ايم ڪيو ايم ميمبر راڻا شوڪت چيو ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهيو پيو وڃي، نادرا سنڌ ۾ ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن ٺاهي رهي آهي، ڪراچي جي سبزي منڊي ۾ زميندار جي ڪوٽا تي به افغاني ڀرتي ٿيل آهن. جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 6 سيپٽمبر 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com