روهڙي ويجهو وحشي جوابدارن پاران نينگر کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آهي.
دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواز مڱريو ۾ ٻن جوابدارن مبينا طور 12ورهين جي نينگر احمد دين پٽ عبدالرزاق مڱريو کي زيادتي جو نشانو بڻايو.
واقعي خلاف نينگر جي وارثن حسين بخش مڱريو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته نينگر احمد دين زمين تي ويو ته ٻن ڄڻن آصف ۽ راجا مڱريو هٿيارن جي زور تي ساڻس بدفعلي ڪئي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نينگر سان ٿيل بدفعلي وارو معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي