صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪئي
صدر آصف علي زرداري پاڪ نيوي جي ٻيڙي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي شامل ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪ بحريه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو، ملڪ جي سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ مضبوط فوج جي ضرورت آهي
صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين کي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻئي جهاز پاڪ بحريه کي پنهنجون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، پي اين ايس بابر ۽ حنين جي شموليت سامونڊي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي
هن چيو ته بحري جهازن سان روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ نيوي جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ٿيندو، جهاز سان بحري فوج ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائيندي. صدر آصف علي زرداري ميري ٽائيم سڪيورٽي، علائقائي استحڪام ۽ سامونڊي حدن جي تحفظ ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه سامونڊي واپار جي مسلسل ترسيل کي يقيني بڻائي رهي آهي، پاڪستان نيوي ملڪ جي سامونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي