پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 6 سيپٽمبر جي شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون نڇاور ڪندڙ بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن تي ملڪ جي هٿياربند فوج دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪيو. پ پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي فوج سرحدن جي حفاظت ۽ اسان جي خودمختاري کي برقرار رکيو آهي، اسان جي شهيدن ۽ غازين جون ڏنل قربانيون اسان جي دلين ۾ نقش ٿيل آهن، اسان سڀ گڏجي ڪري قومي اتحاد ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ محنت ڪنداسين