صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي هٿياربند فوج ۽ شهيدن جي جرئت، بهادري ۽ بي لوث قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر قومي اتحاد جو ڏينهن آهي، قوم کي متحد ٿي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، هي ڏينهن رڳو هڪ تاريخ ناهي، عدم جارحيت، قومي اتحاد ۽ غير متزلزل جذبي جو ڏينهن آهي
سينيئر صوبائي وزير چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي هٿياربند فوج دشمن جي ارادن خلاف اٽل ڀت بڻجي بيٺي هئي، غازين نه رڳو سرحدن جي حفاظت پر ملڪي سالميت ۽ وقار کي برقرار رکڻ لاءِ جانيون قربان ڪيون
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيدن جون قربانيون موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي حب الوطني ۽ اتحاد جي قدرن کي برقرار رکڻ جي ترغيب ڏين ٿيون، شهيدن جون قربانيون پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهن، بي مثال عزم جو مظاهرو ڪندڙ شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪريان ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم کي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن کان بچائڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، ايئر فورس، رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت فورسز جون قربانيون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي