گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته 9 مئي جهڙن واقعن تي شرم مان ڪنڌ جهڪيل آهن، ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن
ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ دفاع واري ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي وڏي اهميت آهي، وطن جي دفاع لاءِ شهادت ماڻيندڙ غازين کي سلام پيش ڪيون ٿا.
گورنر سنڌ چيو ته اڄ هڪ امڙ 9 مئي واقعي بابت دانهن ڏني ته شرپسندن قومي هيروز جي نقشن کي ٽوڙيو، 9 مئي جهڙن واقعن تي شرم مان ڪنڌ جهڪي ويا آهن، ٻيهر اهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
ڪامران خان ٽيسوري چيو ته 1965ع واري جنگ ۾ شهادتون ماڻيندڙ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، ملڪ جي حفاظت ڪندڙ شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون، جلد معاشي بحران مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين، آرمي چيف ۽ وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن