تازہ ترین

ٽرانسپورٽ کاتو قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي : صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ٽرمينلز کي ٻاهر منتقل ڪرڻ جو مقصد شهر جي روڊن تان غير قانوني بس اڏن جو خاتمو آهي، ٽرانسپورٽ کاتو قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ نئين ٽرمينل کي مفت شٽل سروس فراهم ڪرڻ باوجود ڪجهه بس آپريٽرن ڪوڙا ۽ من گھڙت ڪيس داخل ڪرايا آهن ته ڪي وري ذاتي مفادن لاءِ سرڪاري آفيسرن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بس اڏن جي منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو پيو وڃي، دٻاءُ آهي پر هر صورت ۾ ڪم جاري رکنداسين، ٽرمينلز کي ڪراچي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو مقصد شهر جي روڊن تان غير قانوني بس اڏن جو خاتمو آهي، ٽرانسپورٽ کاتو قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهر جي حدن کان ٻاهر بس ٽرمينل قائم ڪرڻ عدالتي حڪمن مطابق آهي، سمورا اسٽيڪ ھولڊر قانون جو احترام ۽ سھڪار ڪن، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرن کي درپيش مشڪلاتن کان واقف آهي، چاھيون ٿا ته شهرين جون تڪليفون ختم ٿين ۽ ٽرانسپورٽرن جو ڪاروبار به متاثر نه ٿئي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون جاري رهنديون، سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا پيا وڃن، ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ جي گادي واري شهر اندر ٽرانسپورٽرن کي منظم ۽ قانوني طريقي سان هلائڻ لاءِ پرعزم آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com