صدر آصف علي زرداري مهمند ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي خوارج جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو
صدر آصف علي زرداري پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي چار خوارج دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو
صدر دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته پاڪ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي
صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم کي پنهنجي جوانن تي فخر آهي جيڪي مادر وطن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهن. صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته دهشتگردن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين