نائب وزير اعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جون واڳون سنڀاليون
لنڊن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته شهباز شريف ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي
هن چيو ته جلد پاڪستان هڪ خوشحال ملڪ هوندو، ملڪ جا معاشي انگر اکر هاڪاري رخ ڏانهن وڃن پيا
اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
نائب وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستاني وڏي انگ ۾ برطانوي پارليامينٽ جو حصو آهن
اسحاق ڊار چيو ته اورسيز پاڪستاني قوم جو قيمتي سرمايو آهن
هن چيو ته پاڪستانين برطانيا جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزير اعظم اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن