سنڌ اسيمبلي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو
اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي نثار احمد کهڙو ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم واري وفاقي سرڪار جي فيصلي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو
ٺهراءُ پيش ڪندي پ پ ايم پي اي نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ جو عوام جو عوام ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به تبديلي قبول نه ڪندو ان ڪري هي ايوان مطالبو ٿو ڪري ته 91ع واري پاڻي ٺاهه موجب پاڻي جي ورڇ ڪئي وڃي ۽ ارسا جو چيئرمين به واري واري سان صوبن مان مقرر ٿيڻ گهرجي
آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ هڪ ڪامان جيتري به ترميم ڪئي وئي ته پورو رڪارڊ ئي تبديل ٿي ويندو ان لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ هڪ لفظ به ترميم ٿيڻ نه ڏينداسين
سندس چوڻ هوته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا
صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته پاڻي وفاق نه پر صوبن ۽ سي سي آءِ جو سبجيڪٽ آهي،
ارسا 91ع واري پاڻي ٺاهه موجب طئي ڪيل فارمولي تحت پاڻي ورڇ جو ادارو آهي، جنهن چيئرمين صوبن جي مرضي کانسواءِ نه ٿو اچي سگهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي هن ملڪ کي مضبوط بڻائڻ واري زنجير آهي هي ٺهراءُ ملڪ کي مضبوط بڻائڻ وارو ٺهراءُ آهي.
ان کان اڳ پ پ ايم پي اي سعديا جاويد ماروي راشدي امداد پتافي ۽ ٻين ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوڇڙي ۾ آهي ان ڪري پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر ارسا هڪ صوبي جي فرمائش تي سدائين سان ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا قبول نه ڪنداسين ايم ڪيو ايم ،پي ٽي آءِ توڙي جماعت اسلامي جي ميمبرن پڻ ٺهراءُ جي حمايت ڪئي