پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين کانپوءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو
ذريعن موجب اسلام آباد پوليس شير افضل مروت کي پارليامينٽ هائوس ٻاهران گرفتار ڪيو جڏهن ته شعيب شاهين کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو
ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت گاڏي مان ٻاهر نه نڪتو ۽ گرفتاري وارنٽ طلب ڪري ورتا. کيس نئين قانون تحت قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پوليس سان جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون موجب اجلاس ۾ موجود پنجاب جي قيادت خلاف ڪرڪ ڊائون جو امڪان آهي. اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي باضابطا آگاهه ڪري ڇڏيو
ٻئي طرف علي محمد خان پارليامينٽ هائوس مان نڪري ويو، پوليس کيس گرفتار نه ڪيو. اسلام آباد پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ٻين جي چيمبرن کي تالا لڳل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ سروس برانچ جي ڪمرن ۾ لڪي ويا