* ڊگھڙي ويجهو روڊ حادثي جو هڪ ٻيو زخمي علاج دوران فوت ٿي ويو.
ڪاچيلو اسٽيشن لڳ ڪوٽ غلام محمد روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڏيئي واسي 18 ورهين جي ديو راج مينگهواڙ حيدرآباد اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
نوجوان ديو راج مينگهواڙ جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واضع رھي ته ڄاڻايل حادثي ۾ 20 ميل موري جو رھواسي 22 سالن جو ھريش پٽ ھيرو ڪولھي پڻ فوت ٿي ويو هو