ڪراچي اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن جي صدر رضوان عرفان جي اڳواڻي ۾ 4 رڪني وفد مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ محمد فاروق اي بي، جاويد محمد علي ۽ سفير بٽ پڻ موجود هئا
ان موقعي تي رضوان عرفان صوبائي وزير کي صدر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خاص طور تي صفائي سٿرائي ۽ غير قانوني پارڪنگ سبب دڪاندارن ۽ عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو.
صوبائي وزير کي صدر خاص طور تي عبدالله هارون روڊ ۽ ريگل واري علائقن ۾ سيوريج جي وڌندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو.
رضوان عارف صوبائي وزير کي آگاهه ڪيو ته صدر ۽ ڀرپاسي ۾ غيرقانوني پارڪنگ مافيا سرگرم آهي، اتي غير قانوني طور مقرر پارڪنگ اسٽاف به موٽرسائيڪل سوارن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته سڄي پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ معاشي استحڪام لاءِ واپاري برادري کي رليف فراهم ڪرڻ پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي، اوهان جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪرڻ لاءِ ميئر ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن