تازہ ترین

سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسي شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن : شرجيل ميمڻ

سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسي شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن
اليڪٽرڪ ٽيڪسين جي حوالي سان سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان چيني آٽوموبائل ڪمپني جي اي سي ۽ ديوان موٽرز جي نمائندن ڪراچي ۾ ملاقتا ڪئي
ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ديوان يوسف فاروقي، چيني ڪمپني جي اي سي جي جنرل مينيجر زو سونگ، زين وين، ظفر حسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ملاقات ۾ چيني ڪمپني جي اي سي جي جنرل مينيجر زو سونگ اليڪٽرڪ گاڏين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ملاقات جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري ۾ مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي.
شرجيل ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسين جي لاءِ سمورو ضروري انفرا اسٽرڪچر ۽ سھولتون فراھم ڪندي، چارجنگ سينٽر قائم ڪرڻ، ھموار ريگيوليٽري عمل کي يقيني بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول کي سنڌ سرڪار يقيني بڻائيندي.
ھن چيو تھ اليڪٽرڪ ٽيڪسين کي متعارف ٿيڻ سان نھ رڳو ما ڻھن کي محفوظ ۽ جديد سفري سھولتون ميسر اينديون، پر ڪاربن خارج ٿيڻ کي گھٽائي ماحول جي تحفظ ۾ بھ مدد ملندي، نئين ٽيڪسي سروس شروع ٿيڻ سان روزگار جا نوان موقعا بھ پيدا ٿيندا.
سينئر وزير جو چوڻ ھو تھ عورت مسافرن جي محفوظ ۽ اعتماد جوڳي سفر لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار جو مقصد اليڪٽرڪ ٽيڪسين کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ آھي تھ جيئن شھري جديد ترين ماحول دوست سفري سھولت مان لاڀ ماڻي سگھن…………..

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com