تازہ ترین

بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف، افغانستان سان سڌي ريت ڳالهيون ڪرڻ واري وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو

بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف، افغانستان سان سڌي ريت ڳالهيون ڪرڻ واري وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪو به صوبو سڌي طرح ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته اسپيڪر صاحب، توهان هن ايوان جي تقدس ۽ وقار لاءِ قدم کنيا آهن، جيڪي ڀائر پروڊڪشن آرڊر تي ايوان ۾ آيا آهن، انهن کي نمائندگي جو حق مليو آهي پر کائن ڪيترن ئي سالن تائين نمائندگي جو حق کسيو ويو

خواجا آصف چيو ته شير افضل مروت تعميري ڳالهه ڪئي، مروت صاحب اسيمبلي ۾ ڪجهه وقت مونسان مليو ته ان تي سندس پارٽي تنقيد ڪئي، هتي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جو هڪٻئي سان هٿ به ناهي ملائڻو، ڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ تلخي به رهي آهي هن چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير جو افغانستان سان پاڻمرادو ڳالهين وارو بيان وفاق تي حملو آهي، کيس اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، ڪو به صوبو سڌي ريت ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com