سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ سمورن ٽي وي چينلز جي غيرمشروط معافي منظور ڪري ورتي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ چار رڪني بينچ فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم اختر ۽ جسٽس شاهد بلال بينچ جا ميمبر هئا
ٻڌڻي دوران سمورن ٽي وي چينلز غيرمشروط معافي ورتي ۽ معافي نامو نشر ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي
پي بي اي، سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي ته ٽي وي چينلز خود احتسابي واري عمل کي بهتر بڻائيندا
ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل توهين جوڳيون ڳالهيون به ٻيهر نشر نه ٿيڻ گهرجن ها، روزانو جو مڪينيزم به يقيني بڻايو ويندو
ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سپريم ڪورٽ سمورن ٽي وي چيلنز جي غيرمشروط معافي کي منظور ڪري ورتو ۽ ميڊيا چينلز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي
وقفي کانپوءِ سپريم ڪورٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز کي جاري ڪيل توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس به واپس وٺي ڇڏيو ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي عدليه خلاف بيان ڏيڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي عدالت کان غيرمشروط معافي ورتي هئي