انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن، جنهن دوران هن پائيدار سامونڊي انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
صدر آصف علي جو زرداري انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دروان چوڻ هو ته پاڪستان سامونڊي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جهڙي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، سامونڊي گدلاڻ پاڪستان لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ رهندڙ جيوت متاثر ٿي رهي آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سامونڊي گدلاڻ سان مهاڻن جي شعبي جي ترقي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جي بهتري لاءِ آءِ ايم او جي سهڪار جي آجيان ڪندو