سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي ججز جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي
تفصيلي فيصلي ۾ بينچ ميمبر جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم افغان جي اختلاف کي پڻ ججز جي منصب خلاف قرار ڏنو ويو آهي
سپريم ڪورٽ طرفان 70 صفحن تي ٻڌل مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلو سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي
تفصيلي فيصلي ۾ مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ سان گڏ پهرين مارچ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پڻ آئين جي خلاف قرار ڏنو آهي
تفصيلي فيصلي موجب، اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ واري فيصلي جي به ڪا قانوني حيثيت ناهي،، چونڊ نشان نه ڏيڻ سان سياسي پارٽي جي چونڊ وڙهڻ جو قانوني ۽ آئيني حق متاثر نٿو ٿئي، آئين يا قانون سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي، پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي آهي
سپريم ڪورٽ چيو ته تحريڪ انصاف 2024ع جي عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽيون يا حاصل ڪيون، اليڪشن ڪميشن 15 ڏينهن ۾ ايم اين ايز کان صحيح ٿيل بيان وٺي
تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شفاف چونڊون عوام جي مرضي ۽ جمهوريت لاءِ ضروري آهن، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جي حقدار آهي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري.
اڪثريتي فيصلي ۾ بينچ جي اٺن ججز ساٿي ٻن ججز جي اختلافن تي پڻ سوال اٿاريا آهن، اڪثريتي ججز موجب، کين ڳوري دل سان چوڻو ٿو پوي ته جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان سندن اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو
فيصلي موجب، ساٿي ججز اڪثريتي فيصلي کي آئين جي خلاف قرار ڏنو، سپريم ڪورٽ جي ججز جي حوالي سان سندن 3 آگسٽ وارو اختلافي نوٽ به مناسب ناهي
اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جو عمل سپريم ڪورٽ جي ججز جي منصب خلاف آهي، سپريم ڪورٽ جا جج، بينچ ميمبر طور قانوني طور تي حقيقتن ۽ قانون تي اختلاف ڪري سگهن ٿا، ساٿي جج مختلف راءِ پيش ڪري سگهن ٿا
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساٿي جج ٻين جي راءِ تي تبصرو به ڪري سگهن ٿا پر هُو اهي ڪارڻ به ڏين ته ٻين ججز جي راءِ ۾ ڇا غلط آهي؟، جنهن طريقي سان ٻن ججز اختلاف ڪيو، اهو مناسب ناهي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم افغان پنهنجي فيصلي ۾ جيڪو ڪجهه لکيو، اهو کين سونهين نه ٿو
تفصيلي فيصلي موجب، پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ججز پنهنجي راءِ ڏيڻ مهل حدون اورانگهي ويا،، ٻن ججز 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني ۽ اليڪشن ڪميشن کي چيائون ته 13 رڪني فل ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي تي عمل نه ڪيو، اهڙي راءِ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائيندي، ملڪ جي اعليٰ عدليه جي ٻن ججز جو اهو عمل عدالتي عمل ۽ انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش آهي
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جي ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ٿنب آهي پر اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024ع ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي
اڪثريتي فيصلي موجب، عوام کي پنهنجي چونڊيل اميدوارن ذريعي حڪومت ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، چونڊ عمل ۾ سمورين اٿارٽيز کي شفافيت عملي طور تي اختيار ڪرڻ گهرجي
اڪثريتي ججز اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي پنهنجي 14 سيپٽمبر تي جاري ڪيل وضاحتي نوٽ کي به تفصيلي فيصلي جو حصو بڻايو آهي، تفصيلي فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته وضاحتي حڪم اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي جاري ڪيو ويو، اڪثريتي ججز کي وضاحت پنهنجي فيصلي تي ڏيڻي هئي، ان ڪري ڌرين کي نوٽيس ڏيڻ جي ضرورت ئي نه هئي سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جو تفصيلو فيصلو اردو ۾ جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي