سنڌ بار ڪائونسل ميرپورخاص پوليس مقابلي ۾ڊاڪٽر شاھ نواز ڪنڀر جي موت ۽ ماڻهن جي هجوم پاران لاش کي ساڙڻ واري معاملي جي عدالت جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سنڌ بار ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته واقعي جي باضابطه عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.
سنڌ بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ بار ڪائونسل جو بيان ۾ چيو ته ڏوهن ڪهڙو به هجي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي.
سنڌ بار ڪائونسل موجب سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪري. سنڌ بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته جعلي مقابلي کانپوءِ وارثن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي