سنڌ حڪومت صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت سنڌ صوبي ۾ ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي واري صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اعليٰ عملدارن سان تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروس کاتي جي سيڪريٽري، چيف انجنيئر بلڊنگس ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ريجن، حيدرآباد ۽ سکر ريجن جي چيف انجنيئر هاءِ ويز تازين برساتن سبب ٿيل نقصانن بابت بريفنگ ڏني.
صوبائي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ ۾ جاري ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي