ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي خلاف سڄي دنيا ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سنڌ سميت سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون پيون وڃن. سموري ملڪ سميت ڪراچي، حيدرآباد، ڪنڌڪوٽ، ڏيپلو، فيض گنج ۽ قمبر ۾ ريليون ڪڍيون ويون، رتوديرو، نئون ديرو، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ به سياسي سماجي اڳواڻن طرفان ريليون ڪڍيون ويون. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، عالمي برادري ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز اٿاري، گڏيل قومن جو ادارو ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي.