پي سي بيءَ 25 قومي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي پر ڪيترائي اهم قومي رانديگر ڪانٽريڪٽر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام پڻ ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران بابراعظم ۽ محمد رضوان کي اي ڪيٽيگري جي آڇ ڪئي وئي آهي جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي بي ڪيٽيگريءَ ۾ شامل ڪيو ويو. جن رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ آڇيو ويو انهن ۾ حارث رئوف، سلمان علي آغا ۽ شان مسعود شامل، جڏهن ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار بالنگ ڪندڙ ساجد خان کي سي ڪيٽيگري جي آڇ ڪئي وئي ۽ نعمان عليءَ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ کي سندس فٽنس سان مشروط ڪيو ويو آهي. ان کان سواءَ ڪجھه اهڙا اهم رانديگر به آهن جيڪي هن ڀيري پي سي بيءَ جو سينٽرل ڪانٽريڪٽر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن جن ۾ آل رائونڊر محمد نواز، اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد ۽ آل رائونڊر عماد وسيم شامل آهن، جڏهن ته فهيم اشرف، افتخار احمد ۽ احسان الله سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان ڊراپ ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ طيب طاهر، شاهنواز ڏاهاڻي، محمد حارث ۽ زمان خان به ڪانٽريڪٽ کان محروم رهيا آهن. ٻئي طرف بيٽسمين فخر زمان، امام الحق ۽ اسامه مير جي فٽنس ٽيسٽ ڪجھه ڏينهن ۾ ٻيهر ڪرائي ويندي ۽ ٽئي رانديگر فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ناهن، ٽنهي جي فٽنس جاچ بعد ڪانٽريڪٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.