حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ياسين ملڪ کي ڦاهي گهاٽ ڀرسان رکيو ويو آهي، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي، مشعال ملڪ اسلام آباد ۾ ڪشميريُن سان ٻڌيءَ لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلم جو ڄمي مقابلو ڪري رهيو آهي، قرباني ڏيندڙن جي تحريڪ ڪڏهن ختم نه ٿيندي، ڪشميري عوام جا سمورا حق هڙپ ڪيا ويا آهن، ڀارت جي ڪوشش آهي ته والاريل ڪشمير کي مني انڊيا ۾ تبديل ڪيو وڃي.