پاڪستان جي اداڪارا ۽ مادل مائره خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ هتي مختصر صا ننڍا ڪپڙا پائڻ تي عوام تنقيد ڪرڻ جو مڪمل حق رکي ٿو. مائره خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سوشل ميڊيا تي مشهور شخصيتن تي تنقيد ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون. اداڪارا جو چوڻ هو ته مسلم آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ٿو، جڏهن توهان وڏي اسلامي ملڪ ۾ رهو ٿا ۽ پوءِ ڊفينس جي علائقي ۾ لُنڊا ۽ سورها ڪپڙا پائي نڪرندا ته اهو توهان جو ڏوهه هوندو، ماڻهن جو حق ٿو بڻجي ته هو توهان تي تنقيد ڪن، جڏهن توهان اهڙا عمل ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيوز ٺاهيندا ته ماڻهو توهان کي گھٽ وڌ به ڳالهائيندا ڇو ته توهان پبلڪ پراپرٽي جو آهيو، توهان کي ٻڌڻ جي برداشت به رکڻ گھرجي.