پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو ڪريڊٽ اتحادي جماعتن ڏانهن وڃي ٿو، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏجي هلبو، لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، ملاقات دوران قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، اعظم نذير تارڙ ۽ راڻا ثناءُ الله به موجود هئا.