حب (ويب ڊيسڪ) حب ۾ نوراني ڪراس موسلي چاڙهيءَ ويجھو زائرين جي بس اونڌي ٿي پئي، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 زائرين زخمي ٿي پيا. مقامي پوليس موجب زائرين جي بس کي حادثو بريڪ فيل ٿيڻ جي ڪري پيش آيو، زائرين شاهه نورانيءَ جي مزار تان واپس اچي رهيا هئا. حادثي جو شڪار ٿيندڙ اڪثر زائرين جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. حادثي جي زخمين کي گورنمنٽ ڄام غلام قادر اسپتال منتقل ڪيو ويو.