اتر غزه تي اسرائيلي حملا جاري، 3 صحافين سميت وڌيڪ 53 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي، اتر غزه ۾ اسرائيلي حلمن ۾ 3 صحافين سميت 53 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ڏکڻ لبنان جي شهر سيدون ۾ اسرائيلي حملن ۾ 8 شهري شهيد ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قابض اسرائيلي فوج اتر غزه جي ڪمال عدوان اسپتال کي کنڊر ۾ تبديل ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سربراهه انتونو گوتريس جو چوڻ آهي ته اتر غزه جي ڀوائتي صورتحال کيس حيران ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره موجب اتر غزه جي ڪڙو چاڙهيل علائقي بيت لابيه ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي تازي بمباريءَ جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 45 فسلطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج علائقي ۾ وڏي پئماني تي آپريشن ڪندي رهائشي عمارتن کي حدف بڻايو ۽ فلسطينين جي وڏي انگ کي گرفتار پڻ ڪري ورتو. ٻئي طرف اتر غزه ۾ شاتي پناهگير ڪئمپ ۾ واقع اسڪولي عمارت تي اسرائيلي بمباريءَ سبب 3 صحافين سميت 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا. الجزيره موجب آچر تي حمزه ابو سليمه، سعيد رضوان ۽ جنين بارود جي شهادتن بعد 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙ فلسطيني صحافين جو انگ وڌي 180 ٿي ويو آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com