اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا ججز شرڪت ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ اهم انتظامي فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فل ڪورٽ اجلاس ۾ عدالتي سڌارن تي به ويچاريو ويندو، جسٽس منصور علي شاهه عمري تي وڃڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگھندو.