اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيرين رحمان چيو آهي ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي سنجيدهه وٺڻو پوندو، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿين پيون، ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي افسوس جوڳي آهي.