ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ سنڌ ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ 12 پوليو وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي افسوس ۽ ڳڻتي آهي، ڪراچيءَ ۾ پوليو مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان جي ملڪ ۾ 1994ع کان پوليو جو مرض شروع ٿيو هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پوليو مهم جي شروعات ڪئي هئي. هن سال پوري ملڪ ۾40 پوليو ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ ۾12 پوليو وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 80 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر پوليو مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن، اسان جو عزم آهي ته ملڪ کي پوليو فري بڻايون.