دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منديءَ ۾ ڪچي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ لاٿ اچي وئي آهي، پرڏيهي خابرو ايجنسيءَ موجب عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جون قيمتون 5 سيڪڙو تائين ڪري پيون آهن ۽ برطانوي ڪچو تيل برينٽ آئل 73 في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ 68 ڊالرز في بيرل جي سطح تي اچي ويو آهي.