اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪسان ڪرڪيٽ بورڊ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نئين ڪوچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بيءَ موجب گيري ڪرسٽن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ هاڻي جيسن گليسپيءَ کي آسٽريلوي دوري جي لاءِ وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ به قبول ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ کان پوءِ نئين هيڊ ڪوچ تي صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد سان معاملا آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا هئا، هو به هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار هو. ذريعن چواڻي پي سي بي چيئرمين محسن نقويءَ گيري ڪرسٽن جي رويي کي ڏسندي نئين ڪوچ جو ٽاڪس ڏئي ڇڏيو هو.