ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ڊفيس جي علائقي ۾ واقع هڪ ريسٽورينٽ ۾ 2 عورتن جي وچ ۾ بنا پڇڻ جي ڪرسي کڻڻ تي جھيڙو ٿي پيو، جتي عورتن هڪ ٻئي کي چماٽون ۽ ٺونشا به هڻي ڪڍيا. پوليس موجب ڊفيس جي علائقي خيابانِ سحر ۾ اهڙو واقعو پيش آيو جتي هڪ ريسٽورينٽ ۾ ٽيبل سان گڏ رکيل ڪرسي کڻڻ تي اتي موجود 2 خاندانن ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڏندن چڪن کان پوءِ ڳالهه وڃي جھيڙي تي پهتي جنهن ۾ عورتن سان گڏ مرد به جھيڙي ۾ ڪُڏي پيا، جنهن جھيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. جھيڙي دوران عورتون هڪ ٻئي تي تشدد ڪنديون رهيون ۽ هڪ ٻئي کي چماٽن سميت ٺونشا به هڻنديون رهيون. ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي آندو ويو جن مان هڪ بااثر ڌُر کي ٿاڻي تان روانو ڪيو ويو.