اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نومبر ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندو. وزيراعظم 11 هين ۽ 12 نومبر تي عالمي موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، موسميات تي عالمي ڪانفرنس آذربائيجان جي گاديءَ واري هنڌ باڪو ۾ ٿيندي. ذريعن موجب شهباز شريف اسموگ يا سيلاب جھڙن مسئلن تي عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرائيندو، ڪاپ 29 ۾ عالمي اڳواڻ ۽ مالياتي ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيندا. دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر اليام عليوف سان ملاقات ٿيندي، ان کان سواءِ ٻين ملڪن جي سربراهن سان به شهباز شريف جي ملاقاتن جو امڪان آهي.