اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نئين حلف کڻندڙ چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ جو اجلاس جاري آهي، جڏهن ته نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ کان پوءِ پهرين فل ڪورٽ اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه کان سواءَ سمورا سينيئر ججز موجود آهن، جسٽس منصور علي شاهه عمري تي روانو ٿي ويو آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي حلف برداري تقريب ۾ به جسٽس منصور علي شاهه عمري تي وڃڻ جي ڪري شريڪ نه ٿيو هو، جڏهن ته هو قاضي فائز جي رٽائرمينٽ جي فل ڪورٽ ريفرنس ۾ به شريڪ نه ٿيو هو، تنهن هوندي جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي نالي تي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ کي عدليه ۾ مداخلت تي ملي ڀڳت جو ذميوار قرار ڏنو هو. ٻئي طرف چيف جسٽس جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيندڙ جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ پڻ عهدي تان رٽائرمينٽ کان پوءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي.