اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان گھُر ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڪميشن ميمبرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ياد رهي ته 12 جولاءِ تي پنهنجي مختصر حڪم ۾ سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽن جو حقدار قرار ڏنو هو.