ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ننگرپارڪر ويجهوڳوٺ پاٽيا ۾ گهر مان55 ورهين جي عورت جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي ننگرپارڪر پوليس پهچي عورت جيت مائي زال سانگهو راجپوت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد عورت جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ عورت جو دماغي توازن درست نه هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.