سنڌ هاءِ ڪورٽ: ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ شگر ملز نه هلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گھري ورتي. درخواست گذار جي وڪيل مريد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي نئين سيزن جي شروعات پهرين آڪٽوبر کان ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪمند جو اگهه مقرر ناهي ڪيو. وڪيل چيو ته ڪمند جو امدادي اگھه مقرر نه ڪرڻ ۽ پيڙهائي نه ڪرڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي سخت مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، وڪيل چيو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت پهرين آڪٽوبر کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ملون هلائڻ گهرجن پر ان باوجود حڪومت ۽ شگر ڪين بورڊ پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي آهي جنهن ڪري سنڌ حڪومت، شگر ڪين بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ملون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com