ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صنعت کاتي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته سائيٽ کي پنهنجا خرچ پاڻ ڪڍڻا پوندا، سائيٽ ۽ سمال انڊسٽريز لاءِ 8 سئو ملين رپيا پگھارن لاءِ گرانٽ ڏني وڃي، سائيٽ ۽ سمال انڊسٽريزڪارپوريشن کي 5 سئو ملين رپيا هڪ ڀيرو گرانٽ ڏني وڃي، وڏي وزير چيو ته سائيٽ پنهنجون اوڳاڙيون بهتر ڪري.