اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائين پي آءِ اي جو هڪ هوائي ميزمان ڪئناڊا مان اسلام آباد جي اڏام ۾ 16 نيون موبائيل فونون جسم سان ٻڌي کڻي آيو. پي آءِ اي جي هڪ ملازم ڪئناڊا کان اسلام آباد جي اڏام ۾ نيو موبائيلون جم سان ٻڌي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو ته کيس ڪسٽمز جي عملي گرفتار ڪري ورتو. ڄاڻايل ميزبان 24 آڪٽوبر تي ڪئناڊا جي شهر ٽورينٽو کان اڏام پي ڪي 782 ۾ اسلام آباد پهتو هو. ڏيهه پهچڻ تي ڪسٽم عملي کي پي آءِ اي ميزبان تي شڪ پيو ۽ سندس جھڙتي ورتي وئي ته ان جي جسم سان ٻڌل 16 جديد موبائل فونون برآمد ٿيون جيڪي ضبط ڪري پي آءِ اي ملازم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي آءِ اي انتظاميه پاران ڄاڻايل ملازم کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.