تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل جي تازن حملن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ سموران وسيلا ڪَتب آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائيءَ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يهودي حڪومت کي يقيني ۽ اثرائتي جواب ڏيڻ جي لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آڻينداسين. اسماعيل بقائيءَ جو چوڻ هو ته اسان جي ردعمل جي نوعيت اسرائيلي حملي جي نوعيت تي ڀاڙي ٿي. ياد رهي ته اسرائيل ڪجھه ڏينهن اڳ ايراني فوجي هنڌن تي هوائي حملا ڪيا هئا جن جي نتيجي ۾ 4 ايراني فوجي به شهيد ٿيا هئا.