مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺيءَ ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. روڊ حادثي ۾ سوڀارو شاهه جي رهواسڻ عورت ٻٻري زال اڻنڌو ڀيل ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ حبيب الله بجير ۽ خميسو ڀيل سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ کڻائي مٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.