سکر (ويب ڊيسڪ) صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي اي ٽي سي ڪورٽ سکر ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻيءَ دوران فريادي ڪرم الله مهر، شاهد مهر، عامر مهر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، روشن مهر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا، عدالت جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.